مولانا ابوالعتيق غلام صديق آصف چنجڻي

مولانا ابوالعتيق غلام صديق ’آصف‘ چنجڻي : مولانا ابوالعتيق غلام صديق ’آصف‘ ولد مولانا محمد ’شيدا‘چنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻيءَ، ضلعي قنبر – شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي مولوي محمد موسى ۽ والد کان ورتائين. بعد ۾ نورنگ، ڀانڊو قبو، بٺي، ٺيڙهي، جندوديري ۽ ميروخان ۾ پڙهيو. سندس دستار فضيلت مولانا خوش محمد ميروخان واري جي مدرسي مان ٿي. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد ڳوٺ جي مدرسي ۾ درس و تدريس ڏيڻ شروع ڪيائين. سنڌي سميت اردو، عربي، فارسي ۽ پشتو روانيءَ سان ڳالهائيندو هو. مدرسي کي فعال بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيائين، سندس مدرسو اشرف العلوم جي نالي سان سرڪار وٽ رجسٽرڊ ٿيو. طالب علميءَ واري وقت کان مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمود انور فيروزي ۽ علي احمد مجروح جي صحبت نصيب ٿيس. پاڻ صاحب هڪ برجستو ليکڪ پڻ هو، کيس نثر لکڻ سان گڏ نظم لکڻ تي به خاص دسترس حاصل هئس. پنهنجي شاعريءَ ۾ ’آصف‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شاعري ڪافين، غزلين ۽ مرثين تي مشتمل آهي. سندس وفات 26 ذوالحج 1384هه/29 اپريل 1965ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو